ابوظهبي – 27 – ن??مب?? (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، ثقافتي، دفاع ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڳت?? وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز جي منصوبن، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، کاڻين ج?? کوٽائي، ايوي ايشن ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانس سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.