اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته غزه ۽ فلسطين جي صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، اتي ٿيندڙ تباهي جو ان کان اڳ ڪو مثال نٿو ملي، اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، غزه ۾ خاندانن جا خاندان ختم ٿي چڪا آهن، ??اڪ??تان جي حڪومت فلسطين مسئلي جي حل ۽ فلسطيني عوام جي ??شڪلاتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته غزه ۽ فلسطين جي صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، گذريل ڏيڍ مهيني دوران اتي جيڪا تباهي ٿي آهي ان جو ڪو مثال نٿو ملي، 18 هزار کان وڌيڪ شهادتون ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، غزه اٽڪل تباهه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، ??اڪ??تان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن اسرائيلي ظلمن کي نسل ڪشيءَ قرار ڏنو آهي، دنيا کي ان مسئلي جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خاندانن جا خاندان غزه ۾ ختم ٿي چڪا آهن لکين ٻار بي يارو مددگار آهن، حماس وٽ اسرائيل جا 250 قيدي جڏهن ته 7 هزار کان وڌيڪ فلسطيني قيدي اسرائيل وٽ آهن، جنگبندي جي ??عاهدي تحت اسرائيل 150 فلسطينين ۽ حماس 50 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪندي. هن چيو ته اسرائيل ۽ عالمي برادري تي جيڪو دٻاءُ وڌو ويو آهي ان جو نتيجو به سامهون آيو آهي ۽ قطر جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو او آءِ سي جي ڪوششن جو ئي ردعمل آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته غزه جي صورتحال تي اولهه ملڪن ۽ اسرائيل جي بيانيي کي دنيا تسليم نه ڪري رهي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ وڏي پئماني ت?? مظاهرا ان جو ثبوت آهن، هاڻي فلسطين جو مسئلو مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، اسرائيل کي جنگي ڏوهه جو مرتڪب قرار ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪ??تان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جن فلسطين مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جي ڪوششن سان ئي او آءِ سي جو غيرمعمولي اجلاس منعقد ڪيو ويو. گڏيل قومن ۾ اردن جي ??رارداد منظور ڪرائڻ ۾ پڻ ??اڪ??تان جو اهم ڪردار هو ۽ ??اڪ??تان جي ڪردار کي ان قرارداد تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ??اءِ ساراهيو ويو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اردن ۽ مصر جي حڪومتن سان اسان جا رابطا آهن، اسان فلسطيني زخمين کي اتان ڪڍڻ جي ??اءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ??اڪ??تان فلسطيني زخمين جي علاج جي ??اءِ اسپتال قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو پر صورتحال اتي تمام خراب آهي، ??اڪ??تان جي حڪومت فلسطين مسئلي جي حل ۽ فلسطينين جي ??شڪلاتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.