اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪا??ين?? وزيراعظم کي گذريل 15 مهينن دوران ملندڙ سمورن قيمتي تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي جي منظوري ڏئي ڇ??ي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي کانپوءِ ان مان ملندڙ رقم يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي عطيو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ين?? جو اجلاس ٿيو. ڪا??ين?? هزاره ايڪسپريس جي نوابشاهه ويجهو حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ڪا??ين?? جي سمورن ميمبرن جو گذريل 15 مهينن ۾ ملڪ جي بهتري جي لاءِ ڏينهن رات محنت ۾ سندس ساٿ ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ ڪا??ين?? سيڪريٽري ڪا??ين?? کي 20 اپريل 2022ع کان 8 آگسٽ 2023ع تائين جي ڪارڪردگي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. ڪا??ين?? کي ٻڌايو ويو ته گذريل 15 مهينن ۾ ڪا??ين?? جا 53 اجلاس ٿيا، وفاقي ڪا??ين?? مجموعي طور تي 1295 فيصلا ڪيا، 99 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو. بيان موجب وفاقي ڪا??ين?? واپار واري وزارت جي سفارش تي قومي ٽيرف ڪميشن جي ٽيڪنيڪي ۽ غيرٽيڪنيڪي ميمبرن جي مقرري، ع??دالرشيد شيخ، نعيم انور، محمد اقبال تابش، احمد شيراز کي غيرٽيڪنيڪي ۽ عمران ضياءَ جي ٽيڪنيڪي ميمبر طور مقرري جي پڻ منظور?? ڏني. وفاقي ڪا??ين?? واپار واري وزارت جي ئي سفارش تي سلمان ايس مهدي جي اسٽيٽ لائيف انشورس ڪارپوريشن ۾ بطور چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري جي منظور?? ڏني. ڪا??ين?? ناڻي واري وزارت جي سفارش تي سليم الله جي بطور نائب گورنر اسٽيٽ بئنڪ مقرري جي پڻ منظور?? ڏني. وفاقي ڪا??ين?? اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پيش ڪيل قومي موسيقي پاليسي جي مسودي جي منظور?? ڏني. پاليسي تحت ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي موسيقي جي ورثي جي تحفظ، موجوده دور جي موسيقي جي ترقي ۽ موسيقارن جي موسيقي چوري ٿيڻ جي خاتمي لاءِ قانوني ڍانچي جي اطلاق ۽ جديد ٽيڪنيڪي وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وفاقي ڪا??ين?? پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر/ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري جي سمري تي تفصيلي مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ته ان مقرري جي لاءِ ٻيهر اشتهار ڏنو ويندو. وفاقي ڪا??ين?? هوابازي واري وزارت جي سفارش تي قومي هوابازي پاليسي 2023ع جي منظوري ڏئي ڇ??ي. ان پاليسي تحت ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي جي لاءِ قدمن ۽ پاڪستان جي هوائي اڏن تي مقامي ۽ عالمي مسافرن جي لاءِ موجوده سهولتن ۾ بهتري آندي ويندي. وفاقي ڪا??ين?? سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي مختلف ڪميٽين ۾ ميمبرن جي شموليت جي منظور?? ڏني. انهن ترميمن تحت قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير ايپڪس ڪميٽي، اطلاعات نشريات واري وفاقي وزير ايپڪس ڪميٽي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ عملدرآمد ڪميٽي جا ميمبر هوندا. ان کانسواءِ وفاقي ڪا??ين?? ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان جي سيڪريٽري ايپڪس ڪميٽي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي طور تي مقرري جي منظور?? ڏني. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪا??ين?? خصوصي سيڙپڪاري سهولت جي سيڪريٽريٽ جي قيام ۽ جميل احمد قريشي جي بطور سيڪريٽري/ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي پڻ منظوري ڏئي ڇ??ي. وفاقي ڪا??ين?? ريلوي ڊويزن جي سفارش تي ارشد سليم خٽڪ جي بطور چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ريلوي اسٽيٽ ڊيولپمينٽ اينڊ مارڪيٽنگ ڪمپني جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇ??ي. بيان موجب وفاقي ڪا??ين?? وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي گذريل 15 مهينن ۾ وزيراعظم کي ملندڙ سمورن قيمتي تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي جي منظور?? ڏني. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته انهن تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي کانپوءِ ان مان ملندڙ رقم کي پاڪستان ۾ موجود يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي عطيو ڪئي ويندي. ڪا??ين?? اهو به فيصلو ڪيو ته نيلامي جي عمل ۾ عوام الناس حصو وٺي سگهندي. وفاقي ڪا??ين?? 14 آگسٽ تي پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ موجود قيدين جي سزا ۾ رعايت کي ٻيڻو ڪرڻ جي پڻ منظور?? ڏني ۽ ان ڳالهه جي هدايت ڪئي ته ان رعايت جو قانون موجب سمورين قيدين تي اطلاق هوندو. ڪا??ين?? گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته جيلن ۾ قيدين جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وفاقي ڪا??ين?? پاور ڊويزن جي سفارش تي سولر پاليسي ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇ??ي. انهن ترميمن جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ حڪومت جي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن ۽ حڪومت جي ملڪ گير 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. ڪا??ين?? کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران حڪومتي ڪارڪردگي ۽ وزيراعظم جي 488 ڏينهن تي ٻڌل وزارت عظميٰ تي ٻه ڪتاب پيش ڪيا ويا. وفاقي ڪا??ين?? توانائي بابت ڪا??ين?? ڪميٽي جي 7 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪا??ين?? اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 26 جولاءِ، 7 آگسٽ ۽ 8 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪا??ين?? بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪا??ين?? ڪميٽي جي 3 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇ??ي. وفاقي ڪا??ين?? نجڪاري بابت ڪا??ين?? ڪميٽي جي 7 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.