اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون اڄ جمعي ڏينهن پاڪس??ان جي اٺي?? نيوڪليئر پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ اهو چشما تي ٺهندڙ پنجون يونٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته اهو 1200 ميگاواٽ جو منصوبو پنهنجي پڄاڻي تي قومي گرڊ کي صاف ۽ سستي بجلي فراهم ڪندو. هن چيو ته م??ڪ جي توانائي جي وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ حڪومت پنهنجو ڌيان متنوع انرجي مڪس تي ڏئي رهي آهي ۽ نيوڪليئر پاور اسان جي ڊگهي مدي واري انرج?? سيڪيورٽي حڪمت عملي جو حصو آهي. وزيراعظ?? چيو ته اسان هر شعبي ۾ ترقي جي لاءِ پاڪس??ان جي مسلسل مدد تي چين جا ٿورائتا آهيون. ٻين شعبن وانگر جديد نيوڪليئر پاور پلانٽس قائم ڪرڻ ۾ چين جو تعاون اهم آهي.