لاهور – 14 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فن??ار اسان جي سڃاڻپ ۽ قومي اثاثو آهن، ملڪي ثقافت جي فروغ ۽ قومي تشخص کي پروان چڙهائڻ ۾ فن??ارن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل فلم، اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽن سان ڳالهائيندي چئي. فن??ارن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فن?? ۽ هيلٿ انشورنس جي لاءِ وڏي رقم رکڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا م??يا. هنن وزيراعظم شهباز شريف ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي ڪوششن تي انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تخليقي سوچ جي حوصلا اف??ائ?? معاشري جي واڌويجهه جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فن?? جي لاءِ 2 ارب ۽ فن??ارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص ۽ روشن سڃاڻپ کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. فلمون ملڪ جي ثقافت، تاريخ، قدرن، ورثي ۽ سياحت کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير فن??ارن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ اڳوڻي دور ۾ فن??ارن جا حق غضب ڪرڻ جي ازالي جي خاطري ڪرائي. فن??ارن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.