اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23 -2022ع دوران زرعي شعبي جي اوسر ج?? شرح 1.55 سيڪڙو رهي آهي، ڪڻڪ جي ??يد??وار 5.4 سيڪڙو اضافي سان گڏ 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي هئي، مڪئي جي ??يد??وار ۾ 6.9، ڪمند 2.8 ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو جو ??ضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ته زراعت جي شعبي جي اوسر ج?? شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 4.27 سيڪڙو هئي، فصلن جي اوسر ج?? شرح مجموعي طور تي 2.49 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مالي سال دوران 8.19 سيڪڙو هئي. اهم ۽ وڏن فصلن جي اوسر ج?? شرح 3.20 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 5.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ٻين فصلن تي اوسر ج?? شرح 0.23 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 11.93 سيڪڙو هئي. اقتصادي سروي موجب ڪڻڪ جي ??يد??وار 5.4 سيڪڙو اضافي سان 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مالي سال دوران ڪڻڪ جي ??يد??وار 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي، مڪئي جي ??يد??وار 6.9 سيڪڙو اضافي سان 10.183 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا مالي سال دوران 9.525 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ٿي، ڪپهه جي ??يد??وار 41 سيڪڙو گهٽتائي سان 4.91 ملين بيلز (ڳٺڙي) رڪارڊ ٿي. گذريل مالي سال دوران چانورن جي ??يد??وار 9.323 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي. لائيو اسٽاڪ (چوپائي مال) جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو ??ضافو ٿيو هو، ٻيلي کاتي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو ??ضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو ??ضافو ٿيو هو. ٻيلي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو ??ضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 4.07 سيڪڙو اضافو ٿيو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو جو ??ضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 0.35 جو ??ضافو ٿيو هو.