اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) ماحوليات?? تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته موسميات?? تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسميات?? تبديلي ۾ سراسري اضافو ٿي رهيو آهي پر عالمي رد عمل سستي جو شڪ??ر آهي، جنهن سبب مستقبل ۾ مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ ٽئين سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان سيشن ۾ موسميات?? تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته تازي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ جو نقشو بدلائي ڇڏيو، گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان موسميات?? تبديلين جي زد ۾ رهيو آهي. هن چيو ته موسميات?? تبديلين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو گرمي پد مسلسل ٽن سالن کان شدت اختيار ڪندو رهيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ ۽ موسميات?? تبديلين جي حوالي س??ن عالمي ذميواري جي حوالي س??ن گهڻ رخي فريم ورڪ جي حوالي س??ن به اجلاس ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 2022ع ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ڏٺي. پاڪستان جو چوٿون حصو ٻڏي ويو، ٽي ڪرڙ 30 لک ماڻهو سڌا سنوان متاثر ٿيا ۽ پاڪستان کي اربين ڊالرن جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿيو. هن چيو ته دنيا تيزي س??ن موسميات?? تبديلين جي وڌندڙ خطرن سان گڏ روايتي طريقن سان مقابلو نٿي ڪري سگهي، اسان کي گهرجي ته عالمي ادارا ۽ ملڪ گڏجي ان معاملي تي سنجيدگي س??ن قدم کڻن. هن چيو ته پاڪستان ”ڪاپ 27“ ۾ عالمي برادري کي اهو باور ڪرايو ته موسميات?? تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي س??ح جو فنڊ قائم ڪرڻ ضروري آهي جنهن تحت ”لاس اينڊ ڊيميج“ فنڊ قائم ڪيو ويو جيڪو غريب ملڪن کي قد??تي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪندو جنهن ڪري ان کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري ناز بلوچ ، نيشنل ٽاسڪ فورس ايس ڊي جيز ، ايم اين اي رومينه خورشيد عالم، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين، اومان جي رياستي ڪائونسل جي ڊپٽي اسپيڪر شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماحوليات?? تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ متاثر ملڪن کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻي پوندي، ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اومان جي حڪومت سرگرم آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا موسميات?? تبديلي جي خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، اومان ۾ شمسي توانائي جا 3 وڏا منصوبا لڳايا ويا آهن جنهن سان ماحول دوستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي ان موقعي تي شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي و??يڪ چيو ته پاڪستان جا مسئلا اومان کان مختلف آهن جنهن لاءِ ڌار قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سيشن کي پاڪ شام پارلياماني فرينڊشپ ڪميٽي جي چيئرمين منطاهر ابراهيم ۽ ماحوليات?? تبديلي بابت سرگرم ميمبر زينب وحيد پڻ خطاب ڪيو ۽ موسميات?? تبديلي س??ب پيدا ٿيل چئلينجن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، سيشن ۾ ڀائراڻي ملڪن جي سفارتي نمائند، يونيورسٽين ۽ مدرسن جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.