باغ -22 مئي (اي پي پي) ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته ڀارت جي20 ڪانفرنس جو هڪ حصو سرينگر منتقل ڪري حقيقتن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. والاريل ڪش??ير ??لي?? جيل وانگر آهي، مودي حڪومت ڪوڙ تي ??ڌل منظرنامي ۽ ڪوڙو ڊرامو ڪري والاريل ڪش??ير جي ع??ام جا حوصلا پست ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪش??يرين جو آزادي وارو جذبو قائم ۽ دائم آهي، پوري پاڪستاني قوم والاريل ڪش??ير جي ع??ام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان سان گڏ بيٺل آهي. جي20 اجلاس جي روشني ۾ باغ جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ڪش??يرين سان گڏيل قومن ذريعي حق خوداراديت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي، ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو به ڪش??يرين سان اهو ئي واعدو ڪيو هو. گڏيل قومون ۽ سڄي دنيا درپيش مختلف معاملن تي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري ان کي حل ڪرائي ٿي. جڏهن ته گڏيل قومن جو ڪش??يرين سان ڪيل پراڻو واعدو اڃا تائين وفا نه ٿيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي حڪومت مختلف دورن ۾ مظلوم ڪش??يرين خلاف مختلف حربا استعمال ڪندي رهي آهي. ڀارت ڪش??يرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ، تشدد ۽ قانوني ڪارروائين سميت ٻيا حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي هو ڪش??يرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي جذبن کي دٻائڻ چاهي ٿو. ڀارت ان ۾ نه ڪڏهن ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو.