اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير ڪن گينگ 5 ۽ 6 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪند??، پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ان جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس چيني هم منصب ڪن گينگ پاڪ چين اس??ري??جڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪندا. اس??ري??جڪ ڊائيلاگ هڪ منظم طريقيڪار آهي جنهن ۾ اهم شعبن ۾ ٻطرف?? تعاون جو جائزو ورتو وڃي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اس??ري??جڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي توثيق سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخ?? تعاون جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪ چين اس??ري??جڪ ڊائيلاگ جو ٽيون دور جولاءِ 2021ع ۾ چين جي شهر چينگڊو ۾ ٿيو هو.