اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ رومانيا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ??نو آهي. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اي??ان صدر ۾ ايران ۽ رومانيا جي سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ايران جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيد محمد علي حسيني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ڇو ته ٻئي ڀائر ملڪ تاريخي رابطن ۽ ثقافتي وابستگي سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتص??دي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي کي ??ڌائڻ جي ضرورت تي زور ??نو. صدر ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي ٻين حصن ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن کي الڳ ٿلڳ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مسلم دنيا کي ??سلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪشمير مسئلي تي ايراني حڪومت جي حمايت ۽ موقف تي ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ سعودي عرب پاران سفارتي لاڳاپن کي ??عمول تي آڻڻ جي لاءِ کنيل تاريخي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام ايندو. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي ??روغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ??نو ويو. ايراني سفير سيد محمد علي حسيني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، ثقافتي ۽ سياسي تعاون وڌائڻ کي ??ڌائڻ جي ضرورت تي زور ??يندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتص??دي تعاون کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن ڇهه بارڊر مارڪيٽن جي تعمير تي اتفاق ڪيو آهي جن سان ٻطرفي واپار کي ??روغ ملندو. هن صدر کي بجلي جي پهچ جي جاري منصوبن کان آگاهه ڪيو جنهن سان بلوچستان جي عوام کي ??ائدو پهچندو. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان ۾ رومانيا جي سفير نڪولائي گويا پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته رومانيا اوڀر يورپ جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان رومانيا سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي ??ڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن رومانيا جي حڪومت جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس ڏيڻ ۽ ان کي جاري رکڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اقتص??دي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي باقاعده مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ??نو. سفير آگسٽ/ سيپٽمبر 2021ع دوران افغانستان مان رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ پاڪستاني تعاون تي رومانيا جي صدر پاران پاڪستان جا ٿورا مڃيا.