اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو، سندس ش??صي?? سادگي جو عملي نمونو هئي، رڳو هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ هن اسان جي مٿان گهرا نقش ڇڏيا آهن، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به ??ه ٿا ملن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مفتي عبدالشڪور کي خراج عق??دت پيش ڪندي هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جو دين سان گهرو لڳاءُ هو، عملي طور تي هو عظيم رهبر، باعمل عالم ۽ بهترين سياستدان هو، پن??نجي علائقي ۾ مسجد سان گڏ ان جو ننڍو گهر هو، هن پن??نجي چونڊ مهم به ??وٽرسائيڪل تي هلائي ۽ ماڻهن ان جي ش??صي?? کان متاثر ٿي ان کي چونڊيو، جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته مشڪل معاشي صورتحال جي ڏس ۾ ڪابينا جا ميمبر به پن??نجي پگهارن ۽ مراعتن مان پن??نجو حصو وجهن ته مفتي صاحب مون کي ايمان جي طاقت جي زور تي انتهائي خلوص سان چيو ته وزيراعظم صاحب آئون اها ڪٽوتي نه ڪرائي سگهندس، هن مرد مومن بنا ڪنهن هٻڪ جي پن??نجي معاشي حالتن بابت مون کي ٻڌايو، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به ??ه ٿا ملن، انهن کي جيترو به خراج عق??دت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هو هڪ عظيم ش??صي?? ۽ سادگي جو عملي نمونو هو، ان جي لاڏاڻي تي اسان سڀ ڏکويل آهيون، ??و جي يو آءِ (ف) جي مٿي جو جهومر هو.