ڪراچي-17 فيبروري (اي پي پي) شاهراه فيصل تي واقع ڪراچ?? پوليس آفيس تي جمعي ڏينهن شام جو حملو ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين موجب حملو ڪندڙن سان پوليس جي فائرنگ جي ڏي وٺ هيل تائين جاري آهي. حملي آورن ج?? پوليس آفيس ۾ داخل ٿيڻ جا اطلاع آهن. پوليس آفيس ويجهو فائرنگ ۽ ڌماڪا به ٻڌا ويا آهن. پوليس عملدارن ٻڌايو ته رينجرز ،پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ا??ارن جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ پوليس نفر?? پوليس آفي?? کي چئني پاسن کان گهيري ۾ آڻي ورتو آهي. ڪراچ?? پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ڪراچ?? پوليس آفيس تي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته منهنجي آفيس تي حملو ٿيو آهي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي. ??سپ??ال ذريعن موجب فائرنگ واري هنڌ تان هڪ زخمي کي جناح ??سپ??ال آندو ويو آهي.