پشاور – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي ريڊنگ اسپتال (ايل آر ايڇ) پشاور جو دورو ڪ??و، جتي هن پو??يس لائينز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. صدر اسپتال جي مختلف وارڊز جو دورو ڪ??و ۽ زخمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر سان گڏ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان به هو. صدر زخمي پو??يس اهلڪارن جي حوصلي کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن ڌ??اڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.