فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد سميت سڄي ڊويزن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور طريقي ??ان ملهايو ويندو. ان موقعي تي صبح ڏهين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ هر شهري پنهنجي ڪشميري ڀائرن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندو ۽ عالمي دنيا تي واضح ڪيو ويندو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني قوم ڪشميري عوام ??ان گڏ بيٺل آهي. ان کانسواءِ ڪشميرين جي ترجماني ڪندي انهن جو آواز سڄي دنيا ۾ اٿاريو ويندو. ان حوالي ??ان مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان جي سربراهه صاحبزده زاهد محمود قاسمي، پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ پنجاب علماءِ بورڊ جي ميمبر علامه طاهر الحسن، صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان طاهر جميل، ظفر اقبال ناگره، ميان اجمل آصف، فيصل آباد چيمبر جي صدر عاطف منير ??يخ?? مرڪزي واپاري تنظيم جي سرپرست اعليٰ ۽ فيصل آباد سٽي جي صدر خواجه شاهد رزاق سڪا ۽ ٻين انتظامي ۽ سياسي شخصيتن چيو ته ا??ان 5 آگسٽ تي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي خلاف ڀرپور طريقي ??ان ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي ثابت ڪنداسين ته ا??ان جا ڪشميري ڀائر پنهنجي جدوجهد جي تحريڪ ۾ اڪيلا نه آهن. هنن مودي کي نئين دور جو هٽلر قرار ڏيندي چيو ته مودي جا قدم نه رڳو ڪشمير پر پاڻ ڀارت جي لاءِ به مسئلو بڻجندا جنهن ??ان ڪشمير جي آزدي هموار ٿيندي.