اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدمن جي خلاف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام ان ڏي??هن کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي ??ي تناسب کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏي??هن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت هڪ منصوبابندي ??ريقي تي ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، مودي ??ي قيادت ۾ ڀارتي انتهاپسندن خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي 75 سالن کان جاري غيرقانوني ڀارتي قبضي ۽ ڀارتي قابض فوج جي انتهائي ڏاڍ ڪشميرين جي آزادي ??ي جذبي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قو??ون ڪشمير بابت پاس ڪيل قرارداد?? تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته ڪشميري عوام ۽ انهن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ اهي ??ارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي آزادي ??ي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.