اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئ??. س??نيٽ سيڪريٽرٽ موجب ايف بي آر چيئرمين سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي تفتان جي ويجهو پا??ستان ايران بارڊر تي بازاچي جي قيام جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته مقامي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بازارچي جي قيام جو منصوبو شروع ڪيو آهي، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جلد ئي ان بازارچي جو افتتاح ڪندو، سينيٽ چيئرمين ايف بي آر جي پاران کنيل ??دم?? جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته واپاري سرگرمين جي فر??غ لاءِ ۽ مقامي واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطر اهڙن منصوبن جو آغاز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جو معيشت تي مثبت اثر پوندو. سينيٽ چيئرمين ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل م به ايف بي آر پاران اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون.