لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي ته قومون محنت، صف بندي ۽ پلاننگ سان ٺهنديون آهن جنهن جي ??اءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، صحت ۽ تعليم تي ڪو ٺاهه نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ٽي ۽ ٻيا شعبا آهن جن ۾ پاڪستان تمام اڳتي وڌي سگهي ٿو، معيشت جو ڦيٿو هلائينداسين، معيشت مضبوط ڪرڻ جي ??اءِ اڳتي وڌڻو پوندو، ملڪ کي اڳتي هلائڻ جي ??اءِ اسان کي گرينڊ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، سٺا ماڻهو ڪنهن به حڪومت سان گڏ ڪم ڪن ته ان کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي ??سند ناپسند کان مٿانهون ٿي ۽ ذاتي اناءَ کي ختم ڪري ملڪي مفاد ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ ڪم ڪرڻو پوندو، هن وقت دنيا ۾ اسان کي سڀني کان اڳتي هجڻ گهرجي ??ا پر بدقسمتي سان اسان تمام گهڻو پٺتي رهجي ??يا آهيون، اڳوڻي حڪومت پي ڪي ايل آئي جيڪا خطي جي بهترين اسپتال هئي ان کي سياست جي ??ر چاڙهي ڇڏيو، اسان وڏي ڪوشش ڪئي پر دل تي پٿر رکي قيمتون وڌائڻيون پيون، آئون پوري ڪوشش ڪندس ته غريب شهرين تي بار نه پوي. هو ل??هور ۾ انڊس اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ش??با?? شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انڊس اسپتال جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي ??اءِ خوشي جوڳي آهي، اڄ منهنجي ??اءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي ته اهڙي اسپتال جي افتتاح جو موقعو مليو جنهن کي خدا ترس شخص ٺاهيو آهي. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جي ??اءِ گرينڊ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ملڪ جي ترقي سان واڳيل سمورن شعبن تي ڳالهه ڪئي وڃي. اسان کي ملڪ کي اڳتي هلائڻو آهي ته اسان کي وڏي پئماني تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، اسان کي سمورين ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي. گرينڊ ڊائيلاگ جو مقصد اهو آهي ان ۾ صحت، تعليم، صنعت ۽ زراعت جي ترقي جي ??اءِ ڳالهه ڪئي وڃي، آءِ ٽي سميت ڪيترائي اهڙا شعبا آهن جن ۾ هي ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته آئون هتي سياست جي ڳالهه نه ٿو ڪرڻ چا??يان پر اڳوڻي حڪومت پي ڪي ايل آئي جيڪا خطي جي بهترين اسپتال هئي ان کي سياست جي ??ر چاڙهي ڇڏيو، ان جي بهترين عملي کي بي عزت ڪري ڪڍيو ويو، ان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر ٻاهرئين ملڪن مان پنهنجون نوڪريون ڇڏي پاڪستان آيا هئا. محمد ش??با?? شريف چيو ته اسان رڳو سياست جي ??اءِ ايتر وڏو ڏوهه ڪيو جو لکين ماڻهن کي بي آسرا ڪري ڇڏيو، اهو دروازو بند ٿيڻ گهرجي ڪير اچي ڪير وڃي صنعت، تعليم، صحت، زراعت، معيشت تي سياست ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه هجڻ گهرجي. ان جي ??اءِ دل گهرجي، وڏي سوچ گهرجي، ان جي ??اءِ اسان کي پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿيڻو پوندو، پنهنجي اناءَ کي مارڻو پوندو، اهو سڀ ڪجهه اسان کي پنهنجي ??وم جي ??اءِ ڪرڻو آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته اڳئين حڪومت اچي ۽ گذريل حڪومت جا قائم ڪيل ادارا تباهه ڪري ڇڏي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي تقدير بدلائڻي آهي ته اقبال جي ??ظريي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي هن چيو ته آئون چوان ٿو ته قرضن تي دارومدار ڪندڙ ملڪ ڪيستائين زندهه رهندو. هن چيو ته اڄ پيٽرول ۽ بجلي ۽ ٻين جون قيمتون جيڪي وڌيون آهن اهو هينئر جو فيصلو نه آهي، اهو معاملو ان وقت کان هلي رهيو آهي جڏهن بي اعتمادي رٿ جي ڳالهه ٿي رهي هئي، ان وقت اسان کي دنيا ۾ سڀ کان اڳتي هجڻ گهرجي ??ا پر ائين نه ٿيو. بنگلاديش کي چيو ويندو هو ته اهي بار آهن، پر اهي بار نه هئا انهن کي بار بڻائي پيش ڪيو ويو ان جو روانگي واپار 40 ارب آهي، اسان اڃا به 27.28 ارب تي آهيون. جڏهن دنيا ۾ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي هئي ته اسان مارچ جي ??هيني ۾ يڪدم قيمتن کي ڪيرائي ڇڏيو، ساڍا ٽي سال ڪنهن کي هڪ رپيو نه ڏنو ويو. هن چيو ته اسان وڏي ڪوشش ڪئي پر دل تي پٿر رکي قيمتون وڌائڻيون پيون، آئون پوري ڪوشش ڪندس ته غريب شهرين تي بار نه پوي. پنجاب جي ??ڏي وزير کي چيو آهي ته پيڪ آورز ۾ ميٽرو جي ??ڪيٽ اڌ ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻهو کي ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ موجود ڊيٽا تمام شفاف آهي، ان تحت اسان 7 ڪروڙ عوام کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏينداسين. محمد ش??با?? شريف چيو ته بجلي جا پلانٽ موجود آهن پر ساڍا ٽي سالن تائين جيڪو ٿيو ان جو حساب ڪير وٺندو، مون کي ايندي ڏيڍ مهينو ٿيو آهي، آئون حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مون چئي ڇڏيو آهي ته ٻه ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس. بجلي جا منصوبا موجود آهن پر ٻارڻ مهانگو گهرائڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم ش??با?? شريف ويلفيئر اسپتال جي تعمير تي شڪر جو اظهار ڪندي ان جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انڊس اسپتال جي بانين جي ??دد سان اسان مظفر ڳڙهه ۾ طيب اردوان اسپتال کي فعال رکيو آهي. هن ماضي کي ياد ڪندي چيو ته 2013ع ۾ منهنجي ??لاقات ميان احسان ۽ اقبال ڪراچي سان ٿي هئي. هنن مون کي چيو ته اسان کي يونيورسٽي ٺاهڻي آهي اهو انساني ڀلائي جو ڪم آهي ان ۾ ڪجهه مسئلا آهن انهن کي حل ڪرائي ڏيو. وزيراعظم چيو ته هنن مون کي اسپتال ٺاهڻ جو پڻ چيو هو پر ان وقت مون انهن کي طيب اردوان اسپتال کي هلائڻ جي درخواست ڪئي، طيب اردوان 2010ع ۾ ٻوڏ کانپوءِ ترڪ حڪومت جي حصيداري سان ٺاهي وئي هئي. محمد ش??با?? شريف ٻڌايو ته هنن بهترين انداز ۾ اسپتال کي هلايو ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته مون اسپتال، انڊس اسپتال جي باني ڊاڪٽر باري کي ڏيڻ جو چيو هو ته ان جي ??اڳاپيل آفيسر واڪ لڳائڻ جي ??اءِ چيو جنهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مون ان اسپتال کي ڊاڪٽر باري جي حوالي ڪيو. بعد ۾ ان اسپتال جي سلسليوار ترقي توسيع ڪندي اسان ان اسپتال کي مظفر ڳڙهه جي بهترين اسپتال بڻايو. سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ حڪومت ڪيتريون ئي اسپتالون ٺاهيون ۽ ان جي حوالي ڪيون ۽ هي انهن جي ڪا پگهار ناهي ٺندو پر رڳو پنجاب حڪومت جي ??قرر ڪيل بجيٽ مان پئسا وٺندو آهي ۽ پئسي جي استعمال سان مستحق ماڻهو فائدو کڻندا آهن. هن چيو ته جوبلي ٽائون ۾ موجود 600 بسترن تي ٻڌل اسپتال ۾ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. لاهور انڊس اسپتال جي بانين ۾ اقبال ڪراچي، گهرڀاتي، جاويد ارشد ڀٽي ۽ ميان محمد احسن شامل آهن، اسپتال جي تعمير ۾ اقبال ڪراچي پاران 2 ارب رپيا، احسن محمد احسن، جاويد ڀٽي، احسن پرويز، انوار غني، اعجاز گوهر، ميان طلعت ۽ ميان احمد سميت ٻين اربين رپين جي تعاون جو اعلان ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ انڊس اسپتال جي بانين اقبال ڪراچي، گهرڀاتين، جاويد ارشد ڀٽي، ميان محمد احسن، احسن پرويز، انوار غني، اعجاز گوهر، ميان طلعت، ميان احمد، ڊاڪٽر امجد ثاقب سميت زندگي جي ??ختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڏي انگ موجود هئا.