اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ساڻس ت??زي?? جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ساڻن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر سپاهي رحيم گل ۽ سپاهي ظهور جي وارثن سان ٽليفون تي ت??زي?? جو اظهار ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌ??اڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد سنور جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پاڪ فوج جي شهيدن کي وطن تي جان نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ڊاڪٽر ع??رف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.