اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عمران خان جي ڪال رد ڪرڻ تي عوام جا ٿورا مڃيا آهن ته اها گهرن ۾ رهي ۽ فتني مارچ جو حصو ??ه بڻي، پنجاب ۾ ڪٿي به ڪجهه سئو کان وڌيڪ م??ڻه?? نه نڪتا، عمران خان جي مقبوليت جو تاثر پنهنجي موت پاڻ مري ويو، خيبرپختونخواهه جي س??ڪاري وسيلن سان ٽي کان چار هزار جو هٿياربند جٿو اسلام آباد تي يلغار ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي ڪرڻ جي اجازت آهي، فساد نه پکيڙڻ ڏينداسين، چار سال معاشي تباهي مچائيندڙ هاڻي لانگ مارچ سان باقي ڪسر ڪڍي رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران خان جي دعويٰ 20 لک م??ڻه?? کي آڻڻ جي هئي، پوءِ 30 لک م??ڻه?? جي دعويٰ ڪئي وئي پر رڳو خيبرپختونخواهه مان ٽي کان چار هزار م??ڻه?? نڪتا، پنجاب مان بتي چوڪ ۽ هڪ جڳهه تي اڍائي س??و جي لڳ ڀڳ م??ڻه?? جو قافلو هو جيڪو معزز عورت ميمبرن جي گرفتاري جي پاڻمرادي دعويٰ ڪندي واپس هليو ويو ۽ پنجاب جي عوام فتني فساد مارچ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح بلوچستان ۽ سنڌ جي عوام به فتني فساد مارچ جو حصو ??ه بڻي. هن چيو ته فتني فساد جو حصو ??ه بڻجڻ تي پنجاب جي عوام جا ٿورائتا آهيون، جيڪي ڪجهه سئو ان فساد جو حصو بڻيا آهن انهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي قوم کي ورڇ ڪرڻ جي ايجنڊا کان پري رهن ۽ ان جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏين. هن چيو ته خيبرپختونخواهه مان سرڪاري پروٽوڪول ۽ سرڪاري س??پرستي ۾ ڪرين ۽ هٿيارن سان ليس ٽي کان چار هزار م??ڻه?? جو جٿو وفاق تي چڙهائي جي نيت سان نڪتو آهي، انهن جو اهو مارچ غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، حالت اها آهي ته عوام رستن تي س??ت گرمي ۾ خوار ٿي رهي آهي ۽ نام نهاد ان??لا??ي پاڻ هيلي ڪاپٽر ۽ وڏين وڏين گاڏين ۾ سوار آهن، ان??لا??ي مارچ جو منظرنامو ڏسي انهن کي گهرجي ها ته اهي پاڻ فيصلو ڪن ته ملڪ جي نظام کي خراب نه ڪنداسين.