اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي اڄ 28 اپريل کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم جو سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، سعودي عرب ۾، پ??ڪس??اني افرادق قوت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري تفصيلن موجب هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون ٻاهرين ملڪ جو دورو هوندو. دوري ۾ ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. ان دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ڪندو ۽ خاص طور تي ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ سعودي عرب ۾، پ??ڪس??اني افرادي قوت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ??ي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل اعتماد، افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي مستقل روايت تي ٻڌل آهن، پ??ڪس??ان جي عوام، خادم حرمين شريفين کي انتها??ي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهي گڏيل تعاون، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي. سعودي عرب ڄمون ۽ ڪسمير تي او آءِ سي رابط?? گروپ جو ميمبر آهي، سعودي عرب ۾ رهندڙ 20 لک کان وڌيڪ پ??ڪس??اني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جو تسلسل، ٻطرفي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي ظاهر ڪري ٿو، وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي.