اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اسلام جا ٺيڪيدار اسلام بدران اسلام آباد جي لاءِ سياست ڪري رهيا آهن، اسلامو فوبيا جي حوالي سان او آءِ سي جا سڀئي ملڪ هڪ پيج تي آهن، وزيراعطم عمران خان سدائين اسلامو فوبيا تي ڳالهائيندو رهيو، 22 ۽ 23 مارچ تي 57 ملڪن جا پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ موجود هوندا، ان موقعي تي پنهنجي ڏيڍ ان?? جي مسجد ٺاهڻ پاڪستا?? جي مفاد ۾ نه هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڀني کي قومي سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، او آءِ سي جو پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس مسلمان دنيا جي ترجماني ڪندو، سڄي قوم مسلمان دنيا لاءِ هڪ خوشي جو موقعو آهي ته گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪيو، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙي جي قرارداد ڏيڍ ارب مسلمان?? جي ترجماني آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي فورمن تي عمران خان ڏيڍ ارب مسلمان?? جي ترجماني ڪئي ،اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو 2019ع ۾ مڪي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي ڳالهه ڪئي، سيپٽمبر 2019ع ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ ناموس رسالت تي ڪيس دنيا جي سامهون رکيو. دنيا ۾ جنهن انداز سان اسلامو فوبيا تي مسلمانن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، نيوزي لينڊ ?? مسجد اندر حملو ٿيو، اولهه ۽ تازو ئي ڀارت جي اندر حجاب پائڻ تي عورتن ت?? حملا ٿي رهيا آهن، هندستان ?? مسجدن ت?? حملا ٿي رهيا آهن، انهي ڪري او آءِ سي جي 2020ع جي اجلاس ۾ اسا?? جي پرڏيهي وزير 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ جو ڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هڪ سچو عاشق رسول ﷺ، سچو مسلمان هجڻ جي ناطي عمران خان دنيا جي سامهون اسلام جو ڪيس وڙهيو، مملڪتي وزير چيو ته اولهه جيڪو ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽ اڄ اهو ئي وزيراعظم عمران خا?? جي موقف جي تائيد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان دنيا جي سامهون معذرت خواه وارو رويو ترڪ ڪيو، روس جي صدر اسلامو فوبيا جي خلاف آواز بلن?? ڪيو، آمريڪا جي ايوا?? جي نمائندن کان به قرارداد سامهون آئي، وزيراعظم عمران خان مسلمان?? جي دلي?? جي ترجماني ائين ئي جاري رکندو. هتي فضل الرحمان عمران خان تي تنقيد ڪندو رهيو آهي جيڪو حقيقت?? جي منافي آهي، عمران خا?? جي ڳالهه کي دنيا توجهه ڏي ٿي، اسلامو فوبيا تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. جڏهن کان عمران خان وزيراعظم بڻيو آهي هر موقعي تي پاڪستان ڪشميرين سميت جتي جتي انسانيت تي ٿيندڙ ظلمن کي اجاگر ڪيو، افغانستا?? جي معاملي تي او آءِ سي جي اجلاس جي نمائندگي پاڪستان کي ملي آهي، هن چيو ته سياسي سرگرميون ان وقت جمهوريت جو حسن آه?? جيسيتائين ان ۾ شدت شامل نه هجي، هڪ مارچ ۽ هڪ شارٽ مار?? جي اسان اجازت ڏني جيڪڏهن ڪنهن تشدد کانسواءِ ڪا سرگرمي ڪرڻ چاهين ٿ?? ته ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي.