اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته نوجوان ??لڪ جو قيمتي اثاثو آهن ۽ روشن مستقبل آهن، اسان تي الله جو ڪرم آهي ته اسان جي آبادي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو ??لڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پن??نجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل ايڪسپوزر وزٽ آف ينگ پيس ايڪٽيوسٽ“ جي پراجيڪٽ تحت پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪندڙ سڄي ??لڪ جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اس??يڪر چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن تي مشتمل آبادي سان نوازيو آهي تنهن ڪري ??لڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ نوجوانن جو بنيادي هدف ۽ اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته هڪجهڙو تعليمي نصاب نوجوانن جي ذهنن ۾ هڪجهڙن نظرين جي اوسر جي راهه هموار ڪندو. ڊپٽي اس??يڪر چيو ته نظم ۽ ضبط ۽ محنت زندگي ۾ هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم عمل آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن رکي ٿو ۽ سندس ويزن علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي خواب کي عملي جامو پارائڻ آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي خود مختيار بڻائڻ هو. هن چيو ته هي ??لڪ ٻه قومي نطريي تي قائم ٿيو هو ۽ ان جو بنيادي مقصد هڪ اهڙي رياست جو قيام هو جتي مسلمان پن??نجي عقيدت ۽ رسم رواج موجب زندگي گذاري سگهن ۽ اس??ام جي حقيقي سڃاڻپ کي دنيا ۾ اجاگر ڪري سگهن، هن چيو ته اس??ام امن، سلامتي ۽ ان??اف جو مذهب آهي.