اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن شاه?? محمود قريشي، حماد اظهر، شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، آرمي چيف جن??ل قمر جاويد باجوه، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري جي دوران سيڙپڪاري، واپار، انفار??يش?? ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس منصوبن تي چيني عملدارن سان جاري ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني وئي.