اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي ل??ڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪ?? بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن سوڊان جي ل??ءِ پاڪستان جي نامزد ڪيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير مير بهروز ريڪي بلوچ کي بطور سفير نامزدگي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي ل??ڳاپن کي استحڪام جي حوالي سان خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي ل??ڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪ?? بڻائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سياسيت، واپار، ثقافت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ سوڊان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪ?? بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سوڊان جي ل??ءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي ان کي پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي ل??ڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.