اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبپاشي جي ??والي سان سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبي ذخيرن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳو بڻائڻ ملڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آبپاشي جي نظام جي ??هتري لاءِ جامع لائحه عمل تي جائزي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري نظام، نهري پاڻي کي زرعي زمينن تائين ضايع ٿيڻ کانسواءِ پهچائن لاءِ حڪمت عملي، پاڻي چوري جي ??وڪٿام لاءِ موثر نظام ۽ آبپاشي جي نظام کي وسيع ڪري غير آباد زمينن کي پوکي جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت دريائي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن تي سنجيدگي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهي آهي ۽ ان ڏهاڪي کي ڊيمن جي ??عمير جي ڏهاڪي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخوا ۾ پاڻي چوري جي ??وڪٿام جي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي ??ذائي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تحت حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان تي به عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي، وزيراعظم سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هد??يت??ن جاري ڪندي پاڻي جي ??خيرن جي منصوبن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳي بڻائڻ کي ملڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، نائب منصوبابندي ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شر??ت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ اعليٰ صوبائي آفيسرن ??ڊيو لنڪ جي ??ريعي اجلاس ۾ شر??ت ڪئي.