اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جاري ڪندو. پاليسي جو مرڪزي فريم ورڪ شهرين کي بينادي سهولتن جي فراهمي ۽ معاشي سيڪيورٽي آهي ته جيئن پاڪستان کي اقتصادي طور تي محفوظ ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان ڪلاسيفائيڊ قومي سلامتي پاليس?? جي پبلڪ ويزن جاري ڪندو جيڪو پاڪستان جيڪا قومي سلامتي پاليس?? جي پهرين دستاويز آهي. قومي پاليسي سلامتي جاگرافيائي حڪمت عملي تي ڌيان ڏيند?? جيو اڪنامڪ ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏي ٿي ته گڏيل احترام ۽ هڪجهڙي خودمختيار?? جي بيناد تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ فوجي صلاحيت جو اولين مقصد خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام آهي، پاليس?? جي جوڙجڪ جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڪيتريون ئي مشاورتون ڪيون ويون ۽ قومي سلامت?? جي ماهرن سميت 600 کان وڌيڪ ماڻهن کي راءِ حاصل ڪئي وئي. وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اسان جي قومي سلامت?? جي سوچ اقتصادي وسيلن جي فروغ جي ذريعن جي نشاندهي ڪري ٿي ته ج??ين پاڪستان جي روايتي ۽ غير روايتي سلامتي کي بيڪ وقت مضبوط بڻائي سگهجي، قومي سلامتي پاليس?? جي اهم مقصدن ۾ قومي هم آهنگي معاشي مستقبل جو تحفظ، دفاع ۽ علائقائي سالميت، داخلي سلامتي، بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ پرڏيهي پاليسي ۽ انساني سلامتي شامل آهن. ان پاليسي جو مقصد پاڪستان جي ترقي يافته ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن جي وچ ۾ اقتصادي، ٻاهرين عدم توازن، سماجي ۽ اقتصادي اڻ برابري ۽ جاگرافيائي فرق جهڙن ٽي سنگين چئلينجز کي ختم ڪرڻ آهي، دستاويز ۾ زور ڏنو ويو آهي ته پاڪستان جي دفاع ۽ علائقائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ خلائي ٽيڪنالاجي ۽ ان جو استعمال ۽ انفارميشن ۽ سائبر سيڪيورٽ?? جي فروغ جي ذريعي هائبرڊ وار افيئر جو مقابلو ڪيو ويندو. داخلي سلامت?? جي حوالي سان پاليسي ۾ رياست جي رٽ کي يقيني بڻائڻ، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پرتشدد روين ۽ قومي بن??ادن تي فرق کانسواءِ خلاف عدم برداشت ۽ منظم ڏوهن جي لعنت جي خاتمي تي زور ڏنو ويو آهي، قومي سلامتي پاليسي عالمي سطح تي پاڪستان جي مفاد ۽ موقف جو دفاع ڪندي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئل?? جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پرامن حل ملڪي سلامت?? جي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي، قومي سلامت?? جي پاليس?? جي دستاويزن ۾ نوجوانن تي مرڪوز پاليسين تي عمل پيرا ٿيڻ، غذائي تحفظ جي ضمانت ڏيڻ، بن??ادي صحت جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.