اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪ??نفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين جي اسپيڪرن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، 10 سالن کانپوءِ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي زبردست خراج پيش ڪيو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٺاهيل دستاويزي فلم مطابق اسپيڪرز ڪ??نفرنس جي شروعات 1921ع ۾ ٿي جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي برطانوي راڄ تحت اولهه جي جمهوريت خاص طور تي ويسٽ منسٽرز جي حڪومتي طرز سان روشناس ڪرايو ويو، ان اهم فورم کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي پارلياماني تاريخ ۾ اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۾ آئين سازي ۾ دير، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ جمهوريت ختم ٿيڻ سبب اهم پارلياماني فورم سرد خاني ۾ هليو ويو. 1973ع ۾ متفقه آئين جي منظوري وفاقي پارلياماني جمهوريت جي راهه هموار ڪئي ته اسپيڪرز ڪ??نفرنس کي نئين سر فعال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ پهرين اسپيڪرز ڪ??نفرنس 1972ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت ٽئين آئيني اسيمبلي جي اسپيڪر فضل الاهي چوڌري ڪئي، 1973ع، 1975ع، 1976ع ۾ ترتيبوار ڪراچي، ڪو??يٽ?? ۽ سوات ۾ اسپيڪرز ڪ??نفرنسز ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صاحبزاده فاروق علي جي سربراهي ۾ منعقد ٿيون، ستين ۽ اٺين اسپيڪرز ڪ??نفرنسز 1985ع ۽ 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيد فخر امام جي سربراهي ۾ منعقد ٿي، نائين اسپيڪرز ڪ??نفرنس 1987ع ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حامد ناصر چٺه جي سربراهي ۾ ڪو??يٽ?? ۾ منعقد ٿي. قومي اسميبلي جي اسپيڪر ملڪ معراج خالد کي 10 هين ۽ 11 هين ڪانفرنس جيڪا 1989ع ۽ 1990ع ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيون، جي سربراهي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پوءِ ٽن سالن بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گوهر ايوب خان جي سربراهي ۾ 1993ع ۾ 12 هين اسپيڪرز ڪ??نفرنس پشاور ۾ منعقد ٿي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر الاهي بخش سومرو 1998ع ۾ مظفر آباد ۾ 13 هين اسپيڪرز ڪ??نفرنس جي سربراهي ڪئي. پنجن سالن جي وقفي کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري امير حسين جي سربراهي ۾ 2004ع ۾ 14هين ۽ 2006ع ۾ 15هين اسپيڪرز ڪ??نفرنس منعقد ٿي ۽ 16 هين اسپيڪرز ڪ??نفرنس 2010ع ۾ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ لاهور ۾ منعقد ٿي، 17 هين اسپيڪرز ڪ??نفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، هاڻي 10 سالن کانپوءِ سندس صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪ??نفرنس منعقد ٿي رهي آهي.