اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي معاملن تي اسلام آباد ۾ لاڀائتي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته مشاورت جي گڏيل صدارت فرانسيسي پرڏيهي وزارت جي گڏ??ل قومن جي معاملن واري ڊائريڪٽر بيٽريس لي فريپر ڊوهيلن ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يو اين ۽ او آءِ سي) سيد حيدر شاهه ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين ٻ??رفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي ??ور تي پاڪستان ۽ فرانس گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ??ئي سان تعميري ??ور تي ڪم ڪندا.