اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ??اڪ- سعودي ناتا گڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن، مس??م اُمت جي اتحاد ۽ جديد دؤر جي ??سئ??ن تي گرينڊ مفتي هميشه اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي، تڪرار جي خاتمي، ??سئ??ن تي ضابطو آڻڻ تي گرينڊ مفتي مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا جي قيادت گڏيل ذميداري آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گرينڊ مفتي شيخ عبدالعزيز بن عبدالله الشيخ سان ملاقات ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمي?? گرينڊ مفتي جو شڪريو ادا ڪندي سندن اسلامي دنيا لاءِ خدمتن، ڏُکيائين ۾ اسلامي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪاوشن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ناتاگڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن. هن مس??م اُمت جي اتحاد جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ سعودي عرب جي جديد دؤر جي چئلينجز سان گڏجي مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان تعليمي ۽ مذهبي شعبن ۾ سعودي عرب سان معاونت جو خواهشمند آهي. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا جي قيادت جي گڏيل ذميداري آهي. پاڪستان امن ۽ استحڪام جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان بين العقائد ڊائلاگ، مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته برداشت ۽ صبر کي هٿي ڏيڻ لاءِ گرينڊ مفتي جون ڪاوشون تحسين لائق آهن. مذهبي تعليم ۽ ماهرن جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻي پوندي، گرينڊ مفتي سان ملاقات وڏو اعزاز آهي. سينيٽ چيئرمي?? گرينڊ مفتي کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت به ڏني. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو عوام سعودي عرب جي گرينڊ مفتي سان لڳاءُ رکي ٿو، سعودي گرينڊ مفتي جا جاري ڪيل فتويٰ نه صرف سعودي عرب پر پوري اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪن ٿا. مس??م اُمت جي اتحاد ۽ جديد دؤر جي ??سئ??ن تي گرينڊ مفتي هميشه اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي.