اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بيلاروس جي صدر جي ??اڪستان جي دوري سان ملڪي معيشت تي مثبت اثر پوندا، پاڪستان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي تعاون جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ زراعت سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو، عوام انتشار ??ي سياست رد ڪري ڇڏي آهي، عوام ترقي ۽ ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ترقي ڪندو، معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. نور خان ايئربيس تي سياسي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته بيلاروس جي صدر لوڪا شينڪو جو پاڪستان جو دورو تاريخي هوندو، بيلاروس ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ مثالي حصيداري ۽ دوستي جو رشتو آهي، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن کي ٽي ڏهاڪا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته اسان جي خوشقسمتي آهي ته اسان جي دوست ملڪ جو صدر پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته بيلاروس جي ??رڏيهي وزير پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو جتي نائب وزيراعظم کيس ڀليڪار ڪيو ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته بيلاروس سان بزنس ٽو بزنس ۽ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمت جي ??ادداشتن تي صحيحون ٿي رهيون آهن. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي تعاون جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ زراعت جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو، ان کانسواءِ فارماسيوٽيڪلز، ٽريڪٽر مينوفيڪچرنگ، زرعي مشينري ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس هڪ ٻئي کي قدر جي ??گاهه سان ڏسن ٿا. وفاقي ??زير چيو ته نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ بيلاروس جو صدر پاڪستان آيو هو، سندس دورو تمام گهڻو فائديمند رهيو هو ان کانپوءِ نواز شريف پڻ بيلاروس جي دوري تي ويو هو. آستانه ۾ ٿيندڙ ايس سي او سمٽ دوران وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي بيلاروس جي صدر لوڪاشينڪو سان ملاقات ٿي هئي ۽ بيلاروس کي شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني هئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بيلاروس جي صدر جي ??اڪستان اچڻ تي عوام ۽ حڪومت سندس آجيان ڪري ٿي، ان دوري جا پاڪستان جي ??عيشت تي مثبت اثر پوندا. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري چڪي آهي جيڪا ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان جي ??عيشت ترقي ڪري رهي آهي، مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، پيٽرول، اٽو، گيهه گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال سستا آهن، وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن پاران گرمي جي ??وسم ۾ بجلي جي صارفين کي 95 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي جنهن سان بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيون. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ونٽر پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، سردي ۾ به عوام جي سهولت لاءِ بجلي جون قيمتون مناسب رکيون وينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ جتي مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، وياج جي شرح گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هلندڙ مالي سال جي ??هرين ٽه ماهي دوران 8.8 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته دوست ملڪن پاران وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وفاقي ??زير چيو ته بيلاروس سان معاهدن سان پاڪستان جي ??عيشت تي مثبت اثر پوندو، عوام خوشحال ٿيندي. هن چيو ته بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو اسان جي ??اءِ خوشي جو سبب آهي، سمورن مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويندو. اهو پاڪستان، معيشت ۽ عوام جي ترقي جي ??اءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته عوام انتشار ??ي سياست رد ڪري ڇڏي آهي، عوام ترقي ۽ ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ترقي ڪندو، معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.