لاهور-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن ن??وي گلبرگ ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير شافع حسين به موجود هو. چوڌري شجاعت حسين ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. محسن ن??وي ۽ شجاعت حسين شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. چوڌري شجاعت حسين وفاقي حڪومت کي تعمير ٿيندڙ نَون روڊن کي شهيدن جي نالن ??ان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير، چوڌري شجاعت حسين جي مطالبي سان اتفاق ڪندي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نَون روڊن جا نالا شهيدن سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چ??و ته ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان ان ت?? عملدرآمد لاءِ ڳالهائيندس. چوڌري شجاعت حسين چ??و ته اهو ڪم وطن جي شهيدن ۽ـ انهن جي پونئيرن سان حڪومت جي يڪجهتيءَ جي اظهار جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. هن چ??و ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين شهادت ماڻي. گهرو وزير چ??و ته پاڪستان شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿو ڪري سگهي. شهيدن پنهنجي رت سان امن قائم ڪيو آهي، اسان شهيدن جي پونيئرن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. هن واضح ڪ??و ته ڌماڪا بهادر ??اڪستاني قوم جو مقدر ??اهن، قوم جي حمايت سان ان ناسور کي ختم ڪنداسين. چوڌري شجاعت آسٽريليا خلاف 22 سالن کانپوءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي محسن ن??وي کي مبارڪون ڏيندي چ??و ته توهان جي محنت ۽ رانديگرن جي ڪارڪردگي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.