باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعطم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پا??ستان – گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي خاتون اول امينه اردوان سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ترڪيه پا??ستان جي م??حو??ياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم جي ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون. وزيراعظم جي برطانيا جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پا??ستان برطانيا تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ۾ وچ ايشيائي ملڪن ۽ پا??ستان ۾ گليشيئرز ۽ پا??ي وسيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ پا??ستان جي تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان مواصلاتي رابطن کي وسعت ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نيپال جي صدر رام چندر پائوڊيل ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ گرمي پد، بلند ٿيندڙ سامونڊي سطح جي خطرن ۽ ٻيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ بنگلاديش ۽ نيپال سان پا??ستان جي ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ پا??ستان قازقستان لاڳاپن جي فروغ ۽ علائقائي رابطن ۾ وسعت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو، آذربائيجان ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو جتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي گروپ فوٽو ۾ پڻ شريڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن ۾ آذربائيجان جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪيو. وزيراعظم باڪو ۾ منعقد ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ پا??ستان کي موسمياتي تبديلي سان درپيش خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم اهڙن اسرندڙ ملڪن خاص طور تي پا??ستان جيڪي هر سال موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن جي ور چڙهي جاني ۽ مالي نقصان کڻن ٿا، جي لاءِ آواز بلند ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ ٻوڏ جي تباهين کان متاثر ٿيندڙ لکين پا??ستانين جو ڪيس وڙهندو ۽ دنيا کي باور ڪرائيندو ته پا??ستان جنهن جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، مشڪل معاشڊي حالتن سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي مضر اث??ن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن خاص طور تي اسرندڙ ملن کي انهن جي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ذميواري قبول ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندو.