اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اي پي ايم ٽرمينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي اي او ڪيٿ سوينڊسن ڪالهه هتي ناڻي و??ري ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف، ڊئنمارڪ ۾ پاڪستان جي سفير شعيب سرور سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ جٽادار اقتصادي اؤسر کي تيز ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني هڪ مفاهمت ج?? يادداشت (ايم او يو) تي صحيح کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي تي توجهه ڏني وئي. سبز ۽ پائيدار پبل?? پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب اي پي ايم ٽرمينلز جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي عزم جي آجيان ڪئي ۽ گروپ کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ م م??مل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪيٿ سوينڊسن، ناڻي و??ري وزير کي اي پي ايم ٽرمينلز جي بزنس پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ پورٽ انفراسٽرڪچر جي تعمير جي رٿائن جي ب??ري ۾ ٻُ??ايو ته جيئن روينيو ۾ واڌ ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ بهتري اچي.