اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته شنگهائي تعا??ن تنظيم جو اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، اها ڪاميابي وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف ۽ سندس ڪابينه جي ڏينهن رات محنت ۽ ڪوششن جو نتيجوآهي. ڪالهه هتي جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تعا??ن تنظيم ڪانفرنس جو رٿجڻ بيشڪ موجوده حڪومت جي اثرائتي ڪارڪردگي ۽ بهترين سفارتڪاريءَ جو چِٽو ثبوت آهي، ان جو مطلب آهي ته سڄي دنيا پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪري رهي آهي. ان ڪانفرنس جو رٿجڻ سان پاڪستان کي دوست ملڪن سان ثقافتي، واپاري، تاريخي ۽ سلامتي جي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بنائڻ جو موقعو ملندو. پاڪستان کي شنگهائي تعا??ن تنظيم جي شريڪ ملڪن سان علائقائي استحڪام جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ان سان پاڪستان ۾ واپاري ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۽ عا??مي سيڙپڪارن ۾ واڌ جو رجحان پيدا ٿيندو، جنهن سان ملڪ جي بهتري ۽ خوشحاليءَ ل??ءِ نيون راهون هموار ٿينديون. هن چيو ته شنگهائي تعا??ن تنظيم ڪانفرنس خطي جي معاشي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي جائزو به وٺندي ۽ ان ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جو نه صرف پاڪستان تي اعتماد وڌندو پر واپار ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي پڻ اثرائتي هٿي ملندي. هن چيو ته شنگهائي تعا??ن تنظيم جو انهن حالتن ۾ بندوبست ڪرڻ پاڪستان جي وزيراعظم جي سياسي ۽ سفا??تي سنجيدگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، ملڪ وڌيڪ سفا??تي اڪيلائپ کي برداشت نٿو ڪري سگهي، اسان کي هر پل ملڪي مفادن ل??ءِ تابعدا رهڻو آهي ته جيئن ملڪ کي علائقائي ۽ عا??مي سطح تي پيش ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي، ملڪ کي سفا??تي سطح تي پيش ايندڙ اڪيلائيپ مان ڪڍڻ جو ڪريڊٽ به پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڏانهن وڃي ٿو. امير مقام وڌيڪ چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ پڻ وزيراعظم پاڪستان جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جنهن ۾ اسرائيلي ڏاڍ ۽ بربيت ۽ انساني حقن جي بدترين پائمالين جي خاتمي ل??ءِ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسرائيلي دهشتگردي جيڪا لبنان، ايران، فلسطين ۽ ٻين ملڪن تائين ڦهلجي رهي آهي، ان جي ازالي ل??ءِ مسلم اُمت گڏ ٿئي ۽ اهڙو لائحه عمل اختيار ڪري جنهن سبب اسرائيل دهشتگردي ظلم ۽ بربريت جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي.