اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد پوليس شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي لاءِ سخت گائيڊ لائنز جاري ڪندي انتهائي فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. آءِ جي اسلام آباد پوليس آفيس م??اب?? جاري ڪيل گائيڊ لائنز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ سيڪيورٽي زون ۽ ايس سي او اجلاس جي منعقد ٿيندڙ جاءِ جي چئني پاسي غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا جي اجازت نه ??وندي. جڏهن ته رستن جي سيڪيورٽي کي ٽيڪنيڪل ٽيم ذريعي يقيني بڻايو ويندو. آءِ جي آفيس م??اب?? ڪانفرنس جي جاءِ تي ڪن??ن کي موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه ??وندي، ڊيوٽي تي موجود اهلڪار خصوصي رنگ جا جاري ڪيل ڪوڊنگ ڪارڊ استعمال ڪندا. ڊي جي سيف سٽي ڊيجيٽل سرويلنسز جو ذميوار هوندو. ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڪانفرنس جي جاءِ سميت ٻين جاين جي سيڪيورٽي جو ذميوار هوندو، سڄي شهر جي سيڪيورٽي جي ذميوري ڊي آءِ جي اسلام آباد جي هوندي. چيف ڪمشنر ۽ ڊي سيز لاڳاپيل شامل فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو سروسز جا ذميوار هوندا.