اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23 هين اج??اس جي ميزباني ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ جي هاڻوڪي چيئرمين هجڻ جي نا??ي وزيراعظم محمد شهباز شريف اج??اس جي صدارت ڪند??. ا????اس ۾ چين، روس، بيلاروس، قزاخستان، تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا. ايران جو نا??ب صدر اول، ڀارت جو پرڏيهي وزير پڻ اج??اس ۾ شريڪ ٿيندا. م??گو??يا جو وزيراعظم مبصر اسٽيٽ ۽ ترڪمانستان جي ڪابينا جو ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير اج??اس ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندا. ان اج??اس دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ٻطرفيون اهم ملاقاتون به ڪند??. ا????اس ۾ ميمبر ملڪن و?? ۾ تازي اقتصادي، واپاري، ماحولياتي، سماجي، ثقافتي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي. اج??اس ۾ تنظيم جي ڪارڪردگي تي به غور ڪيو ويندو. ايس سي او ميمبر ملڪن و?? ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويندا جڏهن ته تنظيم جي بجيٽ جي منظوري به ڏني ويندي.