لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي ض??عي اسپين وام واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروائي ۾ 6 خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي ??ور??ز کي خراج تحسين ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ دوران جان جو نذرا??و ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن لاءِ دعا گهرندي سندسن ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج لازوال قربانيون ڏنيو آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم شهيدن کي سلام پ??ش ڪري ٿي. پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عز م ڪيو آهي.