اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽيٽ ??ئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتار تبديلي سان نه رڳو بئنڪن کي نئين ??ريقي سان مالي سهولتون صارفين کي فراهم ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي پر ضابطه ساز ادارا به جديد ترين ڊيٽا گڏ ۽ پراسيس ڪري موثر طريقيڪار سان تعميل کي يقيني بڻائڻ جي قابل ٿيا آهن. اهڙو اظهار هن 13 هين ??ئنڪ آف دي فيوچر فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن جو موضوع بئنڪاري جو مستقبل هو. هن بئنڪاري شعبي ۾ نواڻ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي ڏيڻ جي اسٽيٽ ??ئنڪ جي عزم کي اجاگر ڪيو، جنهن سان پاڪستان ۾ متحرڪ مالي شعبي لاءِ راهه هموار ٿيندي. اسٽيٽ ??ئنڪ جي گورنر چيو ته اسٽيٽ ??ئنڪ جي ڊجيٽل تبديلي جي شروعات 2002ع ۾ ٿي جڏهن ان Temenos بئنڪنگ سسٽم ۽ نان بئنڪنگ ڏ?? وٺ لاءِ اي آر پي سسٽم لاڳو ڪيو، جڏهن ته ڊيٽا بابت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڊيٽا ويئر هائوس بڻايو، اسٽيٽ ??ئنڪ 2008ع ۾ ريئل ٽائيم گراس سيٽلمنٽ سسٽم جنهن کي پرزم چيو ويندو آهي لاڳو ڪيو جيڪو وڏي پئماني تي وڏي ماليت جي اداراجاتي ادائيگين کي پراسس ڪري ٿو. تازو ئي اسٽيٽ ??ئنڪ پنهنجو جديد ترين Tier-3 ڊيٽا سينٽر بڻايو آهي جيڪو پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون سينٽر آهي. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ ??ئنڪ اسٽيٽ ??ف دي آرٽ آءِ ايس او 2022ع ادائيگي جا معيار لاڳو ڪري عالمي رجحانن موجب پنهنجي ادائيگي جي صنعت کي هڪدم تبديل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو، فوري ادائيگي جو اسان جو ملڪي نظام راست 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو آءِ ايس او 2022ع معيارن تي ٻڌل آهي.گورنر ٻڌايو ته اسٽيٽ ??ئنڪ راست کي عرب مانيٽري فنڊ جي فوري ادائيگي جي سسٽم بونا سان جامع ڪرڻ تي به ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن عرب ملڪن ۾ رهندڙ لکين پاڪستانين کي آساني ۽ سهولت سان پنهنجي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪلڻ ۾ مدد ڏني وڃي. گورنر حاضرين کي ٻڌايو ته اسٽيٽ ??ئنڪ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان ۾ 59 ملين ??رانچ ليس بئنڪاري والٽ، 19 ملين موبائيل بئنڪنگ ايپس، وڌيڪ 3.7 ملين ??ي – مني والٽ ۽ انٽرنيٽ ??ئنڪنگ استعمال ڪندڙ 112 ملين ??ارفين ڊجيٽل طريقي سان سان پراسيس ٿيل خرده ٽ??ان??يڪشن جي مجموعي تعداد 2020ع کان هن وقت تائين 30 سيڪڙو وڌي چڪي آهي ۽ مجموعي ٽ??ان??يڪشن ۾ ڊجيٽل ادائيگين ??و جيڪو تناسب مالي سال 23 ۾ 76 سيڪڙو هو جيڪومالي سال 24 ۾ وڌي 84 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ ??ئنڪاري ذريعي پراسيس ٿيل ٽ??ان??يڪشن جو ساليانو انگ ترتيبوار 70 سيڪڙو ۽ 30 سيڪڙو جي شرح کان وڌي رهي آهي. اها ڳالهه حيرت انگيز ناهي ڇاڪاڻ ته اسان جي آبادي ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي جيڪي موبائيل ايپ استعمال ڪرڻ ۾ ماهر آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ متحرڪ فن ٽيڪ سيڪٽر جي آمد حوصلي واري آهي. هي فن ٽيڪ ڪمپنيون نئين مارڪيٽن ۽ يوز ڪيسز جي ڳولا لاءِ سخت محنت ڪري رهيون آهن. هن آءِ ٽي سيڪٽر کي ترغيب ڏياري ته هو تبديلي جي ان عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.