اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ??ه پاڪستاني معاشري ۾ بزرگ شهري اسان جي تاريخ جا رکوالا، حڪمت ۽ دانائي جا امين ۽ اسان جي خاندانن کي ڳنڍي رکندڙ اهي ??ونقون آهن جن جي ڪري اسان جا گهر سدائين روشن ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين اسان جي ثقافت جي منتقلي ٿئي ٿي، اسان جو ويزن آهي ??ه اسان جي معاشري جا بزرگ ماڻهو بااختيار هجن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي وز??راعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اڄ جي ڏينهن آئون پاڪستان جي انتهائي قابل احترام بزرگ شهرين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ معاشري ۾ انهن جي بي پناهه ۽ انمول خدمتن جو اعتراف ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستاني معاشري ۾ بزرگ شهري اسان جي تاريخ رکوالا، حڪمت ۽ دانائي جا امين ۽ اسان جي خاندانن کي ڳنڍيندڙ اهي ??ونقون آهن جن جي ڪري اسان جا گهر سدائين روشن ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين اسان جي ثقافت جي منتقلي ممڪن ٿئي ٿي. وز??راعظم چيو ته هن سال جي لاءِ چونڊيل ٿيم ”عمر وڌڻ سان گڏ وقار: سڄي دنيا ۾ بزرگ ماڻهن جي نگهداشت ۽ سپورٽ سسٽم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت“ آهي. اسان جي بزرگ ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي تحفظ جي لاءِ اسان جي فرض جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ اهڙو جامع معاشرو آهي ??نهن ۾ بزرگ ماڻهن جي حقن جو احترام ۽ تحفظ ٺاهڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وز??راعظم چيو ته حڪومت اسان جي بزرگ شهرين جي زندگي جي معيار کي بهتر، صحت جي بهترين سهولتن ۽ سماجي خدمتن تائين انهن جي پهچ ۽ معاشرتي زندگي ۾ انهن جي فعال شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي رهندي. هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ??ه اسان جي معاشري جا بزرگ ماڻهو بااختيار هجن ته جيئن ڪنهن بزرگ کي پنهنجي قدر ۽ اهميت ۾ گهٽتائي جو احساس نه ٿئي. انهن جو آواز ٻڌو وڃي ۽ اهي پنهنجي حڪمت ۽ ڏاهپ سان معاشري ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا رهن. وز??راعظم چيو ته اسان جا بزرگ اسان جي نوجوان نسل جي لاءِ حقيقي اڳواڻ آهن. نئين نسل جي لاءِ ضروري آهي ??ه اهي هڪ وڌيڪ بهترين ۽ پائيدار روادار ۽ همدرد پاڪستاني معاشري کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي بزرگن جي حڪمت ۽ انمول تجربن مان سکن. وز??راعظم چيو ته اچو اسان هڪ وڌندڙ ويجهندڙ معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون جتي هر شهري کي پنهنجي برابر اهميت جو احساس ٿئي ۽ جتي اسان جي بزرگ شهرين جي اهڙي بهترين سارسنڀال ۽ احترام ڪيو وڃي جنهن جا اهي مستحق آهن.