اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي، ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي ج?? شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آبادين تي اسرائيل جي بي لگام حملن ۽ عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي ج??ڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري پڌرائي ۾ چيو آهي، ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختياري جي ناقابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي ج?? مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان اسرائيل جي جارحيت سبب متاثرن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو هن چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري ج??رل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائيل جو غير محتاط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آه?? ته اسرائيل کي خطي ۾ ان مهم جوئي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ??ان ر??ڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.