اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) پلاننگ ڪميشن چيو آهي، ته عالمي برادري طرفان پاڪستان کي 2022ع ??ي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي مد ۾ هلندڙ مالي سال دوران 75 ڪروڙ 93 لک 60 هزار ڊالرز ملندا. پلاننگ ڪميشن جي جاري انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال دوران ورلڊ بئنڪ کان 287 مل??ن ڊالرز، ايش??ن ڊولپمينٽ بئنڪ مان 249.18 مل??ن ڊالرز، اي آءِ آءِ بي اينڊ چائنه مان 6026 مل??ن ڊالرز، آءِ ايس ڊي بي مان 111.07 مل??ن ڊالرز، پئرس ڪلب کان 73.78 مل??ن ڊالرز، يو ايس اي/ يو ايس ايڊ مان 32 مل??ن ڊالرز ملندا. پلاننگ ڪميشن مطابق 2022ع ??ي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو هو. بحالي جي لاڳت 16.2 ارب ڊالرز جڏهن ته ان حوالي سان عالمي برادري طرفان ڪيل واعدن جي ماليت 10.9 ارب ڊالرز آهي ۽ اهڙي ط??ح اڃا به 17.1 ارب جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پوسٽ ڊزاسٽر نيڊز اسيسمينٽ ڪاٿو لڳايو آهي ته مجموعي نقصان 14.9 بل??ن ڊالرز کان وڌي ويو آهي جڏهن ته معاشي نقصان 15.2 بل??ن ڊالرز تائين پهچي ويو آهي. ڪاٿي ۾ غذائي عدم تحفظ ۾ به نمايان اضافي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ماڻهن جو تعداد 70 لک کان وڌي 14.6 ملين ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته 2 ملين کان وڌيڪ هائوسنگ يونٽس کي نقصان پهتو، جن مان 780000 مڪمل طور تباهه ??يا ۽ 1.2 ملين کان وڌيڪ کي جزوي نقصان پهتو. 2022ع ??ي ٻوڏ جي حوالي سان منصوبابندي واري وزارت پاڪستان حڪومت جي اسٽريٽ??ڪ پاليسي تيار ڪئي، جنهن کي پائيدار تعمير، متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير فريم ورڪ (4 آر ايف) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي فريم ورڪ ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، ملڪيتن، انفراسٽرڪچر، روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي ڪوششن جي رهنمائي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي.