اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير ??ار?? چيو آهي ته ??اڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوء?? انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪستان مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن منڪي پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته ??زيراعظم سمورين ڌُرين جي اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ ورتي. ايئرپورٽس تي انٽرنيشنل فلائٽس جي اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، هاڻ تائين 5 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي پُراڻي قسم جا آهن ان ??ان ٻن مريضن کي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته ??يشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي انگ اکر جمع ڪيا وڃن ??ا. ??ن چيو ته ??يءَ ڦهلجندڙ بيماري آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جو نظام ۽ ڪٽس وڏي انگ ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪيس سامهون آيو ته ??وءِ ٽيسٽ کانپوء?? ان کي آئسوليشن ۾ موڪليو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ هن وقت اسان منڪي پاڪس کان محفوظ آهيون.