اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين س??د يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سڄي قوم ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) جي 66هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهيد کي سلام پيش ڪري ٿي، قوم کي پنهنجي بهادر پٽن تي فخر آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) جي 66 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين س??د يوسف رضا گيلاني ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) جي 66 هين يوم شهادت تي خر??ج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد نشان حيدر 1958 ۾ دشمن خلاف جرئ?? ۽ ??هادري سان وڙهندي شهادت جو رتبو حاصل ڪيو. ميجر طفيل محمد شهيد کي سندس بهادري جي اعتراف ۾ نشان حيدر سان پڻ نوازيو ويو، سينيٽ چيئرمين چيو ته قوم شهيد ميجر طفيل (نشان حيدر) کي سلام پيش ڪري ٿي.شهيدن جي لازوال قربانين سبب ئي اڄ اسان آزادي سان رهي رهيا آهيون، قوم کي پنهنجي بهادر پٽن تي فخر آهي.