اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري و??اقي وزير انجنيئر امير مقام سمورين پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪ??ي آهي ته 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪ??مير جي مناسبت سان ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪت ڪن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع ??ي پنج سال مڪمل ٿي و??ندا ان ڏينهن هر سال وانگر هن س??ل به يوم استحصال ڪ??مير ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ ان خلاف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ٿيندڙ واڪ ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي اپيل آهي ته جيئن اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ان ڏينهن ايوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئي و??ندي.