اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري ??ن ما?? ڀرپور لاڀ پرايو ويندو، ڊيجيٽل ٽ??ڪنالاجي ۽ جديد مشينري ????ن بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي پورٽس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم عزيز خان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ابوظهبي پورٽس پاڪستان ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندڙ 10 سالن دوران 250 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، 130 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ??ان تعمير ٿيندڙ جديد ۽ سمورين ضروري ??هولتن سان ليس گهڻ مقصد ٽرمينل ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. وفد وزيراعظم کي ڪراچي بندرگاهه تي ڪنٽينر ٽرمينل جي سهولتن ۾ بهتري ??ي لاءِ ڪمپني جي سيڙپڪاري ??ي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪنٽينر ٽرمينل جي منصوبي ۾ ايڪس ڪنٽرول، خودڪار گيٽس، برٿ ۾ وڌيڪ 200 ميٽر جي توسيع، ڪرين ريل ٽريڪ ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي تعمير شامل آهي، ٽرمينل تي نئين انفراسٽرڪچر جي تعمير سان هڪ لک 20 هزار ٽن تائين جا مال بردار جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا جنهن س??ن بندرگاهه تي معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل ٽ??ڪنالاجي ۽ جديد مشينري ????ن بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪنٽينرز جي نظام کي بهتر ڪري ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي جو مقصد شفافيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ پورٽ آپريشنز جي بهتري ??هي، ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ??ن ما?? ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وزيراعظم ريلوي عملدارن کي منصوبي کي فعال بڻائڻ ۽ ٽرمينل تان سامان جي پهچ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مال بردار بوگين ۽ ضروري ??ولنگ اسٽاڪ جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي.