اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي ص??ار??ي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ??ه پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي ص??ار??ي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو، آئون پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ چونڊيل صدر ڊاڪٽر پزشڪيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ??ه پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي ل??ڳاپا آهن، اسان کي گڏيل فائديمند لاڳاپن ذريعي پنهنجي ??نه?? ملڪن جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.