اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خا?? معاون سيد طارق فاطمي شامل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وزيراعظم قصرِ ملت جو دو??و ڪندو جتي هو تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان م??اقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي حوالي سان م??اهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم ۽ تاجڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.