اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ن لينڊ جي صدر پاران پاڪستان جي سلامتي ??ائ??نسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي چونڊ تي نيڪ خواهشن جي پيغام تي سندس ٿورا ادا ڪيا آهن. فن لينڊ جي صدر اليگزينڊر اسٽب پاران سلامتي ??ائ??نسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي چونڊ تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جي پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم سندس ٿورا مڃيندي چيو ته 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل جي غيرمستقل سيٽ تي بطور اميدوار پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي فن لينڊ جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم چيو ته سلامتي ??ائ??نسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري جي لاءِ ڪم ڪندو.