شينزن – 05 – جون (اي پي پي) چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگ پاڪستان ۾ ??نه??جي موبائيل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبائيل فون?? جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، ٽرانشيئن هولڊنگز پاڪستان ۾ مقامي سطح تي شيون تيار ڪري انهن کي پاڪستان مان ٻاهرئين ملڪ برآمدات ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگ?? جي باني ۽ چيئرمين زو زائو جيانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وف??قي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، عطاءُ الله تارڙ ۽ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئ??. و??يراعظم وف??قي وزيرن ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير کي ٽرانشيئن هولڊنگز سان گڏجي جلد هڪ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان وٽ هر قسم جا وسيلا آهن، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جي نوجوان افرادي ??وت آهي. ملاقات ۾ ترانشيئن هولڊنگ?? جي چيئرمين وزيراعظم کي ڪمپني جي پاڪستان ۾ موجوده آپريشنز، عالمي سطح تي ان جي برآمدات ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. چيئرمين ترانشيئن هولڊنگز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جو پاڪستان ۾ موبائيل فون?? جي تياري جي حوالي سان اڳ ۾ ئي هڪ يونٽ قائم آهي جنهن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ موبائيل فون?? جي حوالي سان ??نه??جي سيڙپڪاري ۾ سگهه ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي جنهن سان موبائيل فون?? جي تياري کانپوءِ پاڪستان مان انهن جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.