اسلام آباد-04 جون (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان جو ڌيان بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌائڻ تي آهي. چين ڏانهن روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته 5 جون تي منعقد ٿيندڙ بزنس ٽو بزنس فورم ۾ پاڪستان ۽ چين جون ڪمپنيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنديون. احسن اقبال چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ اسان جو سڄو ڌيا بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌائڻ تي آهي. پاڪستاني واپاري برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪا??وباري سهڪار وڌائ?? جي ڪوششن تي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. احسن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي وڌ کان وڌ پيداواري ڪا??ڪردگي حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي واپارين کان ڪا??وبار ڪرڻ جا گر سکڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ڪا??وبار ڪندڙ ملڪن جي درپيش چئلينجز کان چڱيءَ ريت واقف آهيون ان لاءِ کين معاشي بحالي لاءِ ??ڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي گهرجي ته اهي واپار ۽ ڪا??وبار کي وڌائڻ لاءِ ??ي پيڪ فيز 2 جي موقعن مان ڀرپور ف??ئدو وٺن. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار رڳو شين ۽ خدمتن تائين محدود ناهي. حڪومت ان جو دائرو علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تحقيق، جدت، سپلاءِچين ۾ بهتري آڻڻ ۽ زرعي شعبي ۾ سهڪار جي صورت ۾ ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي.